روسي تيل جو پهريون ڪارگو اپريل ۾ پاڪستان پهچندو: مصدق ملڪ

روسي تيل

پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان کي هلندڙ سال اپريل ۾ روس کان ڪچي تيل جو پهريون سامان ملندو.

هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته حڪومت روس سان ڳالهين جو 80 کان 85 سيڪڙو مڪمل ڪيو آهي، واپاري معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي ۽ مارچ جي مهيني تائين سمورا واپاري معاهدا طئي ٿي ويندا.

هن چيو ته اپريل ۾ اسان انهن کي پهرين شپنگ آرڊر ڏينداسين، روس کان خام تيل جو پهريون سامان اپريل جي آخر تائين پهچندو.

مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته ملڪ روس مان ڪچي تيل جي درآمدات جو ٽيون حصو رعايتي قيمتن تي حاصل ڪندو، جنهن جا اثر عوام تي پوندا.

قيمتن ۾ تازي واڌ جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته حڪومت تيل جي قيمتن ۾ ڊالر ڏئي ٿي ۽ ملڪ ۾ هن وقت ان جي کوٽ آهي، تيل جي قيمتن جو دارومدار عالمي قيمتن ۽ ڪرنسي جي برابري تي آهي.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هر مهيني 2 کان 2.5 بلين ڊالرن جو انرجي سامان درآمد ڪندو آهي، جيڪڏهن اسان ان تي سبسڊي ڏيون ٿا ته ملڪ جو سمورو ليڪوڊٽي ختم ٿي ويندو.

Read Previous

توشه خانا ڪيس: عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل

Read Next

زمان پارڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي موجودگي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، امتياز شيخ

Most Popular