زمان پارڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي موجودگي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، امتياز شيخ

امتياز شيخ

توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي تڪبر ۽ ضد سبب سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ امتياز شيخ چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي نمائندن جي موجودگي سڪيورٽي ادارن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي تڪبر ۽ ضد سبب سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي، زمان پارڪ نوگو ايريا بڻيل آهي.

امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته آئين مخالف شخص آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ملڪي سياست ۾ عمران خان جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي.

صوبائي وزير چيو ته رياستي ادارن تي الزام هڻڻ عمران خان جي عادت بڻجي وئي آهي، حڪومتي تبديليءَ جو داستان سيفرن سان شروع ٿي واپاري طبقي تائين پهچي چڪو آهي.

امتياز شيخ چيو ته هاڻي الزام عوام، شاگردن ۽ روزاني ڪمائيندڙن تي رهجي ويو آهي.

Read Previous

روسي تيل جو پهريون ڪارگو اپريل ۾ پاڪستان پهچندو: مصدق ملڪ

Read Next

نگران پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ لاهور ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ معاهدو

Most Popular