قوم ايٽمي اثاثن تي سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهي، شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد حڪومت جي ان بيان جي آجيان ڪئي آهي ته اها ملڪ جي ايٽمي اثاثن تي سمجهوتو نٿي ڪري سگهي.

هڪ ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پارليامينٽ کي يقين ڏياريو هو ته حڪومت ائٽمي ۽ ميزائل پروگرامن تي سمجهوتو نه ڪندي، هن اهو به چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ بعد ان کي وزارت جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته قوم پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري سگهي ٿي پر ايٽمي اثاثن تي سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته حڪومت سندس ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي آهي، جيڪڏهن ضمانت رد ٿي ته هو ٻيهر جيل وڃڻ لاءِ تيار آهي.

شيخ رشيد چيو ته دوست ملڪ 6 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي گارنٽي ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن، آءِ ايم ايف کان اسٽاف سطح جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو اهم مطالبو آهي.

Read Previous

نگران پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ لاهور ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ معاهدو

Read Next

لاهور جي زمان پارڪ ۾ رياستي ادارن کي چيلينج ڪيو پيو وڃي، مريم اورنگزيب

Most Popular