نگران پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ لاهور ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ معاهدو

عمران خان

نگران پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي جي راڄڌاني لاهور ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هڪ معاهدو ٿي ويو آهي.

معاهدي موجب پي ٽي آءِ ۽ انتظاميا ۾ ريليون ڪڍڻ، پي ٽي آءِ سربراهه جي سڪيورٽي جي ضمانت ۽ ٻين قانوني معاملن تي ٽي او آرز تي اتفاق ٿي ويو آهي.

پي ٽي آءِ ڪنهن به گرفتاري يا سرچ وارنٽ تي عملدرآمد ۾ انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ پاران شبلي فراز ۽ علي محمد خان کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي عمران ڪيشور پوليس جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ته جيئن 14 ۽ 15 مارچ تي ٿيل چڪرين جي جاچ ٿي سگهي.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان جي پارٽي آچر بدران سومر تي عوامي جلسو ڪندي، جڏهن ته اجازت لاءِ انتظاميا سان رابطو ڪيو ويندو، معاهدي موجب پي ٽي آءِ به جلسي کان 5 ڏينهن اڳ انتظاميا کي آگاهه ڪندي.

معاهدي موجب پي ٽي آءِ سربراهه جي سڪيورٽي جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو ۽ پارٽي سڪيورٽي جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي درخواست جمع ڪرائيندي.

Read Previous

زمان پارڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي موجودگي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، امتياز شيخ

Read Next

قوم ايٽمي اثاثن تي سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهي، شيخ رشيد

Most Popular