خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشماري قبول نه ڪنداسين: پ پ جي ميزباني هيٺ ڪانفرنس

سنڌ جي سياسي، قومپرست پارٽين ۽ گهڻ گهرن اعلان ڪندي چيو آهي ته آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته نتيجا قبول نه ڪيا ويندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ميزباني هيٺ گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن سميت اديبن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي.

مقررن خطاب ڪندي چيو ته آدمشماري جو مدو وڌائي سنڌ کي درست ڳڻيو وڃي ۽ خامين کي ختم ڪري غير ملڪي پرڏيهين کي الڳ خاني ۾ رکيو وڃي.

ڪانفرنس وڏي وزير کي اختيار ڏنو ته آدمشماري تي وفاق سان ڳالهائي سنڌ جا خدشا ختم ڪرائي ۽ پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي.

ڪانفرنس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي نثار احمد کهڙو چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ کي بيشمار خدشا آهن، سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ٿيڻ سان ڪيئن خبر پوندي ته ڪير پاڪستاني آهي؟

Read Previous

ججز ڪامورن کي گهرائي ڌمڪيون ڏين ٿا ته عمل نه ٿيو ته چيف ايگزيڪيوٽو طلب ڪنداسين: وڏو وزير

Read Next

قاضي احمد لڳ ملواح شاخ کي 20 فوٽ گهارو، ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ

Most Popular