ججز ڪامورن کي گهرائي ڌمڪيون ڏين ٿا ته عمل نه ٿيو ته چيف ايگزيڪيوٽو طلب ڪنداسين: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ادارن تان سياسي شخصيتن جا نالا تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪندي کاتن کي قانونسازي جي دائري ۾ مداخلت تي اپيل تيار اپيل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ پري بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ججز ڪامورن کي گهرائي ڌمڪيون ڏين ٿا ته عمل نه ٿيو ته چيف ايگزيڪيوٽو طلب ڪنداسين.

هن چيو ته هي ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن قانون سازي، ايگزيڪيوٽو ۽ عدليه ٽئيي ٿنڀ پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪندا، هڪ ٻئي جي دائرن ۾ مداخلت ملڪ جي حقيقي ترقي کي متاثر ڪيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته صوبائي اسيمبلي قانون سازي ذريعي گمبٽ انسٽيٽيوٽ جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز رکيو هو پر عدالت ان کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته پير عبدالقادر شاهه جي نالي تي ادارو قائم ڪرڻ سندس خدمتن جو اعتراف آهي ۽ اهو اسيمبليءَ ڪيو هو، ان کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، اهو طريقو نه پر ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ مداخلت آهي.

وڏي وزير چيو ته فاشسٽ پارٽي جا اڳواڻ (عمران خان) بچاءَ لاءِ معصوم ڪارڪنن کي انساني ڍال بڻائي رهيا آهن، ڀٽو بهادريءَ سان ڦاسي قبول ڪئي، بينظير کي خبر هئي ته واپسي تي کيس قتل ڪيو ويندو پر واپس آئي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته فيبروري 2023ع تائين گذريل 8 مهينن دوران 148 ارب رپين جي مختص بجيٽ جي مقابلي ۾ اسان رڳو 80 ارب رپيا خرچ ڪيا، جيترو ٿي سگهي ترقي جي ڪوشش ڪريون پيا.

Read Previous

سياستدانن کي آمريت جي راهه هموار ڪرڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ گهرجي، اعظم نذير تارڙ

Read Next

خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشماري قبول نه ڪنداسين: پ پ جي ميزباني هيٺ ڪانفرنس

Most Popular