قاضي احمد لڳ ملواح شاخ کي 20 فوٽ گهارو، ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ

قاضي احمد لڳ ملواح شاخ اوور ٽاپ ٿيڻ سبب 20 فوٽ گهارو لڳڻ سبب سوين ايڪڙ ڪڻڪ پاڻيءَ هيٺ اچي وئي.

آبپاشي عملدارن پاران اضافي پاڻي ڇڏڻ سبب ملواح شاخ جو پاڻي اور ٽاپ ٿيڻ ڪري 20 فٽ گهارو پئجي ويو.

گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ پاڻي ڪاهي پيو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌي ورتو، سندن چوڻ آهي ته شاخ ۾ اضافي پاڻي ڇڏڻ تي انتظاميا کي آگاهه به ڪيو هو

Read Previous

خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشماري قبول نه ڪنداسين: پ پ جي ميزباني هيٺ ڪانفرنس

Read Next

حيدرآباد؛ ڊاڪٽر ڌرم ديو جي قتل ۾ ملوث سڀئي جوابدار گرفتار

Most Popular