حيدرآباد؛ ڊاڪٽر ڌرم ديو جي قتل ۾ ملوث سڀئي جوابدار گرفتار

حيدرآباد پوليس ڊاڪٽر ڌرم ديو جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس پي سٽي ۽ ايس پي ڪينٽ جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ جوابدارن حنيف لغاري، منظور ڀٽو، تنوير ڀٽو ۽ قائم ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جي قتل ۾ ملوث جوبدار حنيف لغاري کي پهريان گرفتار ڪيو، جنهن جي نشاندهي تي ٻيا گرفتار ڪيا.

جوابدارن ڦر دوران مزاحمت تي ڊاڪٽر ڌرم ديو رتي کي قتل ڪيو، گرفتار جوابدار حنيف لغاري جي نشاندهي تي وڌيڪ 3 جوابدارن منظور ڀٽو، تنوير ڀٽو ۽ قائم ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو.

Read Previous

قاضي احمد لڳ ملواح شاخ کي 20 فوٽ گهارو، ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ

Read Next

حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪمشنر پاران پمپنگ اسٽيشن جو دورو

Most Popular