ميهڙ ڀرسان ڪڻڪ جي ديري تي ستل پورهيت گوليون هڻي قتل

ميهڙ ڀرسان هٿياربندن پاران ڪڻڪ جي ديري تي ستل پورهيت کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

ڳوٺ ڪولاچي ۾ هٿياربندن زرعي زمين تي ستل پورهيت سيف الله ڪولاچي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو.

بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جيڪو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آھيون، جلد پورهيت نوجوان جي قاتلن جي گرفتار ڪيا ويندا.

Read Previous

خانپور کان شڪارپور تائين بدامني ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف پيادل مارچ

Read Next

ڀٽ شاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڀٽائي جي مزار تائين ريلي

Most Popular