ڀٽ شاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڀٽائي جي مزار تائين ريلي

مٽياري: ڀٽ شاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊجيٽل آدمشماري ۽ مهانگائي خلاف درگاهه تائين ريلي ڪڍي وئي.

ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، شيراز لاکو، مور ٻلال، عقيل مرزا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن پاران درگاھ ڀٽائي تي حاضري ڀري موجودہ حڪمرانن ۽ سنڌ سان ويساھ گهاتين خلاف دانهن ڏني وئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻي سازش تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اڳواڻن چيو ته اسان اهڙي آدمشماري کي قبول نٿا ڪريون، هر روز بدامني ۾ اضافو ٿئي پيو، حڪمرانن ملڪ تباھ ڪري ڇڏيوآهي.

Read Previous

ميهڙ ڀرسان ڪڻڪ جي ديري تي ستل پورهيت گوليون هڻي قتل

Read Next

عمران خان توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ اڄ اسلام آباد روانو

Most Popular