ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ، شيخ رشيد جي آزادي خطري ۾ پئجي وئي

شيخ رشيد

مري جي مقامي عدالت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي ضمانت خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پبلڪ پراسيڪيوٽر شيخ رشيد جي ضمانت رد ڪرڻ جي اپيل داخل ڪئي، ٻڌڻي تي شيخ رشيد ايڊيشنل سيشن جج عرفان نديم جي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ياد رهي ته 16 فيبروري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

شيخ رشيد اڳوڻي صدر آصف زرداري تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام لڳايو ويو هو.

Read Previous

زمان پارڪ ۾ آپريشن جاري، پوليس عمران خان جي گهر ۾ داخل ٿي وئي

Read Next

آشيانه اسڪينڊل: نيب شاهدن شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

Most Popular