آشيانه اسڪينڊل: نيب شاهدن شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

شهباز شريف

لاهور: آشيانه هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس ۾ وزيراعظم کي ڪلين چٽ ڏيندي نيب جي وڌيڪ 5 شاهدن شاهدي ڏني آهي ته شهباز شريف بيگناهه آهي.

اها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي، جڏهن احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس جي ٻڌڻي شروع ٿي.

احتساب عدالت ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) پاران پيش ڪيل 5 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، شهباز شريف طرفان ايڊووڪيٽ انور حسين عدالت ۾ پيش ٿيو، نيب پراسيڪيوٽر وارث جنجوعه شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته کين پروجيڪٽ ۾ ڪنهن به غير قانوني ڪم جي ڪا به ڄاڻ نه هئي.

هن وڌيڪ چيو ته واڪ قاعدن ۽ ضابطن جي مطابق کوليو ويو، پروجيڪٽ تي صحيحون ڪيون ويون ۽ فنانس ڪميٽي طرفان فنانسنگ ڪئي وئي ۽ سمورا لاڳاپيل دستاويز ضابطن موجب تيار ڪيا ويا.

نيب جي شاهد ڊپٽي ڪمشنر ليه خالد پرويز موقف اختيار ڪيو ته هو 2013 کان 2015 تائين ايل ڊي اي جو ڊائريڪٽر رهيو.

هن چيو ته هن آشيانه هائوسنگ سوسائٽي امپليمينٽيشن پراجيڪٽ تي صحيحون ڪيون هيون، هن 6 مارچ 2018 تي نيب جي جاچ آفيسر آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو.

Read Previous

ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ، شيخ رشيد جي آزادي خطري ۾ پئجي وئي

Read Next

زلمي خليل زاد پاڪستان جي خفيه دوري دوران عمران خان سان ملاقات ڪئي، فضل الرحمان

Most Popular