زمان پارڪ ۾ آپريشن جاري، پوليس عمران خان جي گهر ۾ داخل ٿي وئي

Lhr Imran house

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري تي پوليس سان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس لاهور جي زمان پارڪ ۾ ڪارروائي ڪندي پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪينال روڊ، ڌرم پور، مال روڊ انڊر پاس ۽ ٻيا علائقا ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، جڏهن ته زمان پارڪ جي چوڌاري شپنگ ڪنٽينر رکيا ويا آهن.

علائقي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي، اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم ڪينال روڊ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران قائم ڪيل ڪئمپون به هٽائي رهي آهي.

اهڙي ڪارروائي کانپوءِ عمران خان جي حمايتين ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ٽيم عمران خان جي گهر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان گرفتاري وارنٽ معطل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف سربراهه توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي.

پنجاب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ خميس ڏينهن جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ معاهدو ٿي ويو، عمران خان جي گرفتاري تي عمران خان جي حمايتين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو.

معاهدي موجب پي ٽي آءِ گرفتاري وارنٽ ۽ سرچ وارنٽ تي عملدرآمد لاءِ انتظاميا سان تعاون ڪندي، سياسي پارٽي 14 ۽ 15 مارچ تي ٿيل جهيڙي تي داخل ٿيل ڪيسن جي جاچ لاءِ پوليس سان به تعاون ڪندي.

عدالت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪيسن جي سلسلي ۾ زمان پارڪ ۾ سرچ آپريشن ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي.

هن هفتي جي شروعات ۾ زمان پارڪ ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ نامعلوم پارٽي ڪارڪنن تي تشدد جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي حمايتين پٿراءُ ۽ پيٽرول بم اڇلايا جنهن جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿي پيا.

Read Previous

ٽوئٽس جي سفارش جو ڪوڊ عام ڪيو ويندو، ايلون مسڪ

Read Next

ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ، شيخ رشيد جي آزادي خطري ۾ پئجي وئي

Most Popular