زلمي خليل زاد پاڪستان جي خفيه دوري دوران عمران خان سان ملاقات ڪئي، فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي آهي ته افغان مفاهمت لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي خاص نمائندي پاڪستان جي ڳجهي دوري دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي.

هڪ جلسي کي خطاب ڪندي هن اها دعويٰ ڪئي ته وفاقي حڪومت ۾ اتحاد جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ زلمي خليل زاد عمران خان سان ملاقات ڪئي.

هن چيو ته زلمي خليل زاد پاڪستان ۾ عليحدگي پسند تحريڪن جي حمايت ڪئي ۽ چين خلاف ڳالهايو، ظاهر آهي ته ڪهڙيون طاقتون عمران خان جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن.

فضل الرحمان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي قانون کان بچڻ لاءِ انساني ڍال بڻائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه لاهور کي نو گو ايريا جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، خان صاحب عدالتن ۾ پيش نه ٿي مذاق بڻائي رهيو آهي.

جي يو آءِ (ف) سربراهه پنهنجي موقف کي ورجايو ته پي ٽي آءِ سربراهه پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، اسلام دشمن قوتون ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿيون.

Read Previous

آشيانه اسڪينڊل: نيب شاهدن شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

Read Next

عمران خان جي آمد کان اڳ اسلام آباد ۾ قيدين جون گاڏيون ۽ ڪنٽينر رکيا ويا

Most Popular