اسلام اباد جوڊيشل ڪمپليڪس مان ٽي وي چينلن تي سڌيءَ ريت نشريات تي پابندي

پیمرا پابندی

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ٽيليويزن چينلز کي جلسن يا عوامي گڏجاڻين جي لائيو ڪوريج ڪرڻ کان روڪينديو چيو آهي ته اڄ ڪنهن به پارٽي، شخص يا تنظيم جي ڪوريج تي پابندي آهي.

پيمرا موجب پابندي واري حڪم ۾ اڄ جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ ڪنهن به جلوس يا ريلي تي پابندي به شامل آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به موجود هوندو.

پيمرا آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 27 تحت جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ لائيو ڪوريج تي پابندي جي عنوان سان، اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽر چيو ته ان ڳالهه تي خدشو آهي ته سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز پرتشدد مڇريل ماڻهن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن جون لائيو فوٽيجز ۽ تصويرون ڏيکاري رهيا آهن.

لاهور ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران اهڙيون تصويرون ٽي وي اسڪرينن تي نظر آيون، جنهن ۾ پرتشدد هجوم طرفان پيٽرول بمن جو استعمال ڪيو ويو، پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ پوليس جي گاڏين کي باهه ڏني وئي.

پيمرا جي خط ۾ چيو ويو آهي ته مڇريل ماڻهن پاران اهڙين ڪاررواين سان نه رڳو امن امان جي صورتحال کي خطرو آهي پر عوام جي جان ۽ مال کي به خطرو آهي.

ميڊيا ريگيوليٽر چيو ته اهڙو مواد نشر ڪرڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.

Read Previous

زمان پارڪ ۾ نو گو ايريا ڪليئر ڪيو ويو آهي، راڻا ثناءُ الله

Read Next

عمران خان آر ايس ايس جي ڪتاب مان سبق سکيو آهي، وزيراعظم

Most Popular