عمران خان آر ايس ايس جي ڪتاب مان سبق سکيو آهي، وزيراعظم

شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو مقابلو انتهاپسند ڀارتي تنظيم راشٽريا سويام سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) سان ڪيو آهي.

زمان پارڪ ۾ 14 مارچ کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وقفي وقفي سان ڪاررواين دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتين ۾ چڪرين ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هو ته عمران نيازي جي گذريل ڪجهه ڏينهن جي ڪارروائي سندس فاشسٽ ۽ ويڙهاڪ رجحان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ماڻهن کي انساني ڍال طور استعمال ڪرڻ کان وٺي پوليس تي پيٽرول بم اڇلائڻ کان وٺي عدليه کي خوفزده ڪرڻ لاءِ جٿن جي اڳواڻي ڪرڻ تائين، هنن آر ايس ايس جي ڪتاب مان سبق سکيو آهي.

وزيراعظم جو اهو بيان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جي ان بيان کان هڪ ڏينهن پوءِ آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته حڪومت عمران خان جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف کي دهشتگرد تنظيم سمجهي، ڏٺو وڃي ته برطرف ٿيل وزيراعظم سان ويهڻ ۽ ڳالهين جو وقت گذري ويو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ زمان پارڪ ۾ سندس رهائشگاهه تي منظر ٺاهڻ تي اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان رياستي ادارن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

اسلام اباد جوڊيشل ڪمپليڪس مان ٽي وي چينلن تي سڌيءَ ريت نشريات تي پابندي

Read Next

عمران خان سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد عدالت جي دروازي تي حاضري لڳائڻ بعد روانو

Most Popular