عمران خان سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد عدالت جي دروازي تي حاضري لڳائڻ بعد روانو

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد جي گيٽ تي حاضري لڳائڻ کانپوءِ بلٽ پروف گاڏي ۾ واپس روانوٿي ويو.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين جو سلسلو جاري رهيو ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جڊيشل ڪمپليڪس ۾ توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي وقت ختم ٿيڻ باوجود عمران خان جج آڏو پيش نه ٿي سگهيو.

عمران خان عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته مان ڪمپليڪس جي ٻاهران گيٽ تي موجود آهيان، منهنجي حاضري گيٽ تي رڪارڊ ڪئي وڃي.

عدالت عمران خان کي گيٽ تي ئي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جج چيو ته هڪ ڀيرو حاضري ٿي وڃي ته پوءِ عمران خان واپس وڃي سگهي ٿو، موجوده صورتحال کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.

جج وڪيل کان پڇيو ته فرد جرم بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ وڪيل خواجا حارث جواب ڏيندي چيو ته فرد جرم تڏهن لڳندي آهي، جڏهن ٻڌڻي جوڳو فيصلو ڪيو ويندو آهي، اڄ الزام نٿو لڳائي سگهجي، عدالت کي اسان جي درخواست تي فيصلو ڏيڻو آهي ته ڪيس کي ايندڙ هفتي رکيو وڃي.

ان کان اڳ عمران خان جڏهن لاهور کان زمان پارڪ ذريعي اسلام آباد پهتو ته ڪارڪنن جو وڏو انگ ساڻس گڏ هو، ڪارڪنن زوردار نعرا هنيا، ڪارڪنن جڏهن جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪيو.

جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ سخت شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو. پوليس جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي.

پوليس ٻين علائقن مان آيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال اڄ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.

Read Previous

عمران خان آر ايس ايس جي ڪتاب مان سبق سکيو آهي، وزيراعظم

Read Next

زمان پارڪ تي ڇاپو، پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular