زمان پارڪ تي ڇاپو، پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

fawad

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اعلان ڪيو آهي ته پارٽي چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه تي غيرقانوني ڪارروائي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي عمران خان جي گهر جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

هن چيو ته اهلڪارن نه رڳو شيون چوري ڪيون پر بيگناهه ماڻهن تي تشدد ڪيو.

فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد ۽ لاهور ۾ تشدد ۽ اهڙيون ٻيون ڪارروايون ظاهر ڪن ٿيون ته پاڪستان آئيني بحران مان گذري رهيو آهي، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ناقابل معافي جرم آهي.

توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عمران خان جي اسلام آباد روانو ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پوليس سندس گهر تي ڇاپو هنيو.

Read Previous

عمران خان سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد عدالت جي دروازي تي حاضري لڳائڻ بعد روانو

Read Next

اسلام آباد ۾ چڪريون: عمران خان ۽ ڪارڪنن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

Most Popular