پني عاقل مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن تي ڌاڙيلن جو تشدد، وڊيو وائرل

پني عاقل مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن تي ڌاڙيلن جو تشدد، وڊيو رڪارڊ ڪري وارثن کي اماڻي ڇڏي

پني عاقل مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن تي ڌاڙيلن جو تشدد، وڊيو رڪارڊ ڪري وارثن کي اماڻي ڇڏي، وارثن پاران سندن بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

مغوين ذاڪر ڪورائي ۽ محبوب نوراجا جي وارثن پاران بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته چار مھينا اڳ نوجوان شھر کان واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئا ته سي پيڪ موٽروي ڀرسان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا.

هنن چيو ته غريب مسڪين ھجڻ سبب ايترو پئسو ناھي ته ڌاڙيلن کي ڏيون، اسان جي نوجوانن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

مظاهرين وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينھن به وحشياڻو تشدد ڪري وڊيو وائرل ڪئي وئي، جيڪا ڏسي وارثن کي دورا پئجي رھيا آھن.

Read Previous

ڏهرڪي پوليس پاران پنجاب واسي اغوا ٿيل 9 فنڪار بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Read Next

قاضی احمد ۾ ٻن واپارين جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

Most Popular