قاضی احمد ۾ ٻن واپارين جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

قاضي احمد

قاضي احمد پوليس ٻن واپارين جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد امير سعود مگسي پاران جوڙيل جاچ ٽيم جديد ٽيڪنالوجي ذريعي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

پوليس عملدارن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واپارين پير بخش مري ۽ تڳيو مري جي قتل ڪيس ۾ نامزد مکُ جوابدارن ڪريم بخش جمالي سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو.

پوليس عملدار ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ آئي ٽي ٽيم جي مدد سان جوابدارن کي ٽريس ڪيو ويو، اڄ ٻه جوابداراڃا گهربل آهن.

هنن چيو ته جوابدار ملوڪ عرف ڪاسائي جتوئي ۽ علي خان عرف علڻي جمالي کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

Read Previous

پني عاقل مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن تي ڌاڙيلن جو تشدد، وڊيو وائرل

Read Next

فرانس جو پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان کي 55 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان

Most Popular