عمران خان جو ڀائٽيو حسان نيازي جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملي ڪيس ۾ گرفتار

Hassaan niazi

اسلام آباد پوليس توشه خانه ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوڪل پرسن ۽ ڀائيٽي حسان نيازي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس حسان نيازي کي جي 11 جڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهران گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿس جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پوليس وين ۽ اهلڪارن تي حملي جي رٿابندي جو الزام هنيو ويو آهي، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون.

ايف آءِ آر موجب جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ چڪرين دوران درين جا شيشا ٽوڙيا ويا ۽ ڪمپليڪس جو مکيه دروازو به ٽوڙيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڪيترن ئي گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ ٽوئيٽر تي دعويٰ ڪئي آهي ته حسان نيازي کي پوليس سپرنٽينڊنٽ نوشيروان علي چانڊيو اغوا ڪيو آهي، سندس سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي هئي.

پي ٽي آءِ موجب هي پوليس جي ظلم جي انتها آهي، تازو ئي عدالت مان ضمانت منظور ڪيل وڪيل حسان نيازي کي اغوا ڪيو ويو آهي.

Read Previous

حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن کي پيٽرول ۽ گيس تي سبسڊي ڏيندي

Read Next

چيني صدر شي جن پنگ روس جي دوري تي ماسڪو پهتو، شاندار استقبال

Most Popular