چيني صدر شي جن پنگ روس جي دوري تي ماسڪو پهتو، شاندار استقبال

شي جن پنگ

چيني صدر شي جن پنگ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ رضامندي جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن بين الاقوامي نظم ۽ ضبط جي حفاظت ڪئي وڃي.

شي جن پنگ روس جي دوري تي ماسڪو پهتو، جتي نائب وزيراعظم ونڪووو ايئرپورٽ تي چيني صدر جو استقبال ڪيو.

روسي فيڊريشن جي 10 نائب وزيراعظمن مان هڪ دمتري چرنيشينڪو شي جن پنگ جي آجيان لاءِ ايئرپورٽ تي پهتو، جتي چيني صدر جو شاندار استقبال ڪيو ويو.

روس جي سرڪاري نيوز ايجنسي آر آءِ نووستي پيوٽن جي پرڏيهي پاليسي جي صلاحڪار يوري يوشاڪوف جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڪرملن چيني صدر سان ملاقات ڪندڙن جي هڪ فهرست جاري ڪئي آهي.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ سان سڀاڻي ملاقات ڪندو، روسي فيڊريشن جي سلامتي ڪائونسل جو ڊپٽي چيئرمين دمتري ميديوف، پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف، نائب وزيراعظم دمتري چرنيشينڪو ۽ فوجي ٽيڪنيڪل تعاون لاءِ فيڊرل سروس جو ڊائريڪٽر ۽ ٻيا شامل هوندا.

Read Previous

عمران خان جو ڀائٽيو حسان نيازي جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملي ڪيس ۾ گرفتار

Read Next

پي سي بي چونڊن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ سيريز جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو

Most Popular