پي سي بي چونڊن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ سيريز جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو

پي سي بي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊن سبب ميچون پهرين لاهور ۾ کيڏيون وينديون.

ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات 14 اپريل تي لاهور ۾ ٿيندي، جڏهن ته ٻي ۽ ٽين ون ڊي ميچ 15 ۽ 17 اپريل تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

سيريز جي چوٿين ۽ پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، ون ڊي سيريز به اپريل کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي.

ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون ون ڊي ترتيبوار 30 اپريل، 3 مئي، 5 مئي ۽ 7 مئي تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ايرينا ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.

نيوزيلينڊ ان کان اڳ ڊسمبر-جنوري ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچن لاءِ پاڪستان جو دورو ڪيو هو، ٽيسٽ سيريز 0-0 تان برابر هئي، جڏهن ته ڪيويز ون ڊي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي هئي.

Read Previous

چيني صدر شي جن پنگ روس جي دوري تي ماسڪو پهتو، شاندار استقبال

Read Next

شاداب خان ۽ نسيم شاهه گڏيل عرب امارات روانا ٿي ويا

Most Popular