شاداب خان ۽ نسيم شاهه گڏيل عرب امارات روانا ٿي ويا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو عبوري ڪپتان شاداب خان ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه گڏيل عرب امارتن روانا ٿي ويا، جڏهن ته اسڪواڊ جا ٻيا ميمبر 22 مارچ تي افغانستان خلاف سيريز لاءِ روانا ٿيندا.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون 24، 26 ۽ 27 مارچ تي شارجه ۾ کيڏيون وينديون، قومي ٽيم جا رانديگر 21 مارچ جي شام نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ گڏ ٿيندا ۽ ٻئي ڏينهن روانا ٿيندا.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي افغانستان سان 3 ون ڊي ميچون کيڏڻيون هيون پر پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي درخواست تي فارميٽ تبديل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ٽيمون ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ اڳ ئي ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪڏهن به افغانستان کان انٽرنيشنل ٽي 20 ميچ ۾ نه هاري آهي ۽ اميد آهي ته پنهنجو شاندار رڪارڊ برقرار رکندي.

Read Previous

پي سي بي چونڊن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ سيريز جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم پاران آرمي چيف جي ساک خراب ڪرڻ تي عمران خان مٿان سخت تنقيد

Most Popular