وزيراعظم پاران آرمي چيف جي ساک خراب ڪرڻ تي عمران خان مٿان سخت تنقيد

شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ پاران عمران نيازي جي حڪم تي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي بدنام ڪرڻ جي مهم مذمت جي مستحق آهي.

وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ قومي ادارن خلاف سازش جو تسلسل آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته هي شخص نيازي (عمران خان) اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ، اسان جي هٿياربند فوج ۽ ان جي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ بي مثال سطح ڪري چڪو آهي.

Read Previous

شاداب خان ۽ نسيم شاهه گڏيل عرب امارات روانا ٿي ويا

Read Next

پنجاب ۾ چونڊ مهم شروع ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي: عمران خان

Most Popular