پنجاب ۾ چونڊ مهم شروع ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي: عمران خان

عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ چونڊ مهم ۾ ڏکيائين جو حوالو ڏيندي الزام هنيو آهي ته حڪومت تاريخ ويجهو اچڻ باوجود عام چونڊن لاءِ ماحول بابت رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صوبي ۾ 30 اپريل تي ننڍي چونڊ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور جي زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تان وڊيو لنڪ ذريعي پارٽي ڪارڪنن ۽ حمايتين کي خطاب ڪندي هن چيو ته اختياريون کيس مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي حمايتين کي هٿيار نه کڻڻ جي تلقين ڪندي چيو ته پارٽي ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر چونڊون چاهي ٿي، ملڪ ۾ ورهاڱي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

وزيراعظم پاران آرمي چيف جي ساک خراب ڪرڻ تي عمران خان مٿان سخت تنقيد

Read Next

بلاول ڀٽو ڪورنگي ۾ دل جي بيمارين واري سڀ کان وڏي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

Most Popular