آن لائين ريٽيل ڪمپني اميزون پاران وڌيڪ 9 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جو اعلان

اميزون

آن لائين ريٽيل ڪمپني اميزون پنهنجا خرچ بچائڻ لاءِ وڌيڪ 9,000 نوڪريون گهٽائڻ جو ارادو رکي ٿي.

ڪمپني، جيڪا سڄي دنيا ۾ 1.5 ملين ماڻهن کي نوڪريون ڏئي ٿي، چوي ٿي ڪٽوتيون بنيادي طور تي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ اشتهارن سميت شعبن ۾ ڪيون وينديون.

اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته انهن ڪٽوتين سان ڪهڙا ڪهڙا ملڪ متاثر ٿيندا پر چيو آهي ته پوزيشنون ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ بند ٿي وينديون.

باس اينڊي جيسي چيو ته اهو هڪ ڏکيو فيصلو هو پر اهو ڊگهي عرصي ۾ ڪمپني لاءِ بهترين هوندو، جيڪا پهريان ئي جنوري ۾ 18,000 نوڪريون کٽي چڪي هئي.

باس اينڊي جيسي چيو ته ويجهڙائيءَ وارن ڪجهه سالن ۾ اميزون جي ڪاروبار جي اڪثر شعبن ۾ ڪردارن ۾ واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته غير يقيني معيشت ۾ اسين رهون ٿا ۽ ويجهي مستقبل ۾ به غير يقيني صورتحال کي ڏسون ٿا اسان پنهنجي خرچن ۽ ملازمن جي ڳڻپ ۾ برابر ٿيڻ جي چونڊ ڪئي آهي.

Read Previous

توشه خانه ڪيس ۾ بشرا بي بي پاران نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Read Next

عمرڪوٽ ڀرسان روڊ حادثي ۾ ٻارڙو ۽ عورت فوت، 7 ڄڻا زخمي

Most Popular