توشه خانه ڪيس ۾ بشرا بي بي پاران نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Bushra Bibi imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ هٽايل وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي توشه خانه ڪيس ۾ قومي احتساب عدالت (نيب) آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته توشه خانو ڪيس نيب جي دائري ۾ نه ٿو اچي، ان معاملي تي ڪميشن جوڙڻ گهرجي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي اڄ 21 مارچ تي طلب ڪيو هو.

نيب جي 2 رڪني ٽيم عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ پهتي، سيڪيورٽي اهلڪارن بيورو جي ٽيم کي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني، جتي انهن نوٽيس جاري ڪيو.

اويس نيازي کي ڪال اپ نوٽيس مليا، جنهن کانپوءِ نيب ٽيم رواني ٿي وئي، عمران خان ۽ سندس گهرواري کي اڄ لاءِ الڳ الڳ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، کين چيو ويو ته هو لاڳاپيل رڪارڊ نيب ٽيم آڏو پيش ڪن. .

Read Previous

حسن نيازي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Read Next

آن لائين ريٽيل ڪمپني اميزون پاران وڌيڪ 9 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جو اعلان

Most Popular