عمرڪوٽ ڀرسان روڊ حادثي ۾ ٻارڙو ۽ عورت فوت، 7 ڄڻا زخمي

umerkot hadiso

عمرڪوٽ (رپورٽ اسد علي ڀرڳڙي) چيل بند ڀرسان افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ٻارڙو ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چيل بند اسٽاپ وٽ عمرڪوٽ کان ايندڙ ڪار ڊرائيور کان بي قابو ٿيڻ سبب روڊ ڪراس ڪندڙ مزدورن مٿي چڙھي وئي.

حادثي سبب 2 سالن جو معصوم ڪيلاش پٽ چندر ڪولھي ۽ سندس ڏاڏي 55 ورھين جي اومان زال ھالجي ڪولھي فوت ٿي ويا.

حادثي سبب شريمتي ناجو ڪولھي، ڪويتا، راجيش، اسحاق ساند، زبيده گوپانگ، تنوير قريشي ۽ جمشيد منڱريو زخمي ٿي پيا.

زخمين ۽ فوتين کي پوليس کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري پُھچايو، ڊاڪٽرن پاران ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.

Read Previous

آن لائين ريٽيل ڪمپني اميزون پاران وڌيڪ 9 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جو اعلان

Read Next

سجاول ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي

Most Popular