سجاول ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي

sijawal

سجاول ۾ تعليم کاتي جي عملدارن ۽ گرلز هائي اسڪول پاران نياڻين پاران تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريجنل محتسب ڊاڪٽر رياض صديقي جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر پيار علي خواجا ۽ سمورون تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن سميت ٺٽي جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن فاطمه ميمڻ، پروين قاسم ۽ عبدالحميد سومرو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي ۾ شريڪ شاگردياڻين جي هٿن ۾ نياڻين کي تعليم ڏياريو جا پلي ڪارڊ کنيل هئا، گرلز هائي اسڪول جي گيٽ کان مين روڊ تائين گشت ڪيو ويو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته والدين سنڌ جي شعور لاءِ ترقيءَ جو راهون روشن ڪن، پنهنجن معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن ۽ خاص طور تي نياڻين کي پرائمري تعليم سان گڏ ڪاليج ۽ هنري سکيا ڏني وڃي.

هنن چيو ته هڪ مرد جو پڙهڻ فقط فرد جو پڙهي تعليم يافته بڻجڻ آهي، پر هڪ عورت جو پڙهڻ پوري خاندان جو تعليم يافته ٿيڻ آهي.

Read Previous

عمرڪوٽ ڀرسان روڊ حادثي ۾ ٻارڙو ۽ عورت فوت، 7 ڄڻا زخمي

Read Next

جيڪب آباد ۾ پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان شهرين ۽ اسڪولي ٻارڙن جي ريلي

Most Popular