جيڪب آباد ۾ پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان شهرين ۽ اسڪولي ٻارڙن جي ريلي

jcb Rally

جيڪب آباد(رپورٽ: محمد بلال ميمڻ ) جيڪب آباد ۾ سماجي ڀلائي واري اداري پاران پاڻي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙِين عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

22 مارچ پاڻي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سماجي تنظيم ھينڊس پاران پوليس ھيڊ ڪوارٽر اسڪول کان توصيف لطيف، احمد بخش دايو، وير ڀان تلريجا، اقبال نائچ ۽ لطف الله مڱريو جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

ريليءَ ۾ اسڪولي ٻارڙن سميت عورتن شرڪت ڪئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو پھتي.

22 مارچ تي سموري دنيا ۾ پاڻي جو عالمي ڏينهن ملھايو پيو وڃي پر حقيقت اھا آهي ته جيڪب آباد جا شهري گذريل ڪيتري ئي وقت کان پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻي کان محروم بڻيل آهن.

هنن چيو ته هتان جي شهرين جو بنيادي مسئلو پيئڻ جو صاف پاڻي رهيو آهي، گندو پاڻي واپرائڻ سبب پيٽ، چمڙي ۽گردن سميت ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن.

Read Previous

سجاول ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي

Read Next

پاڪستان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، 9 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Most Popular