پاڪستان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، 9 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

پاڪستان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، 9 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

پاڪستان ۾ 6.8 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

اسلام آباد، راولپنڊي، بنون، پشاور، لاهور، ايبٽ آباد، لورالائي، جڙانوالا، ميلسي، چيچا وطني، منچن آباد، لڪي مروت، ڪوهلو، جهانيان، پاڪپتن، شورڪت، ڊجڪوٽ، شڪر ڳڙهه، لوڌران، ليه سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

خوفناڪ زلزلي افغانستان، ڀارت، قازقستان، تاجڪستان، ازبڪستان، چين ۽ ڪرغزستان جا حصا پڻ لرزائي ڇڏيا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جيڪي پنهنجن گهرن ۽ آفيسن مان ڀڄي ٻاهر نڪتا.

رپورٽن مطابق زلزلي سبب11 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن مان 9 پاڪستان ۽ 2 افغانستان ۾ شامل آهن.

موسميات کاتي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي شدت 9 لڳي 47 منٽن تي محسوس ڪئي وئي.

زلزلي مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جي گهرائي 180 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو.

يو ايس جيولوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس) موجب زلزلي جي شدت 6.5 هئي ۽ ان جو مرڪز افغانستان جي شهر جورام ۾ 186 ڪلوميٽر کان وڌيڪ گهرائي ۾ هو.

زلزلي جي جهٽڪن کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جي پولي ڪلينڪس ۽ پمز اسپتالن کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

صحت واري وزير چيو ته عملو ۽ اسپتال انتظاميه ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن.

رپورٽن مطابق ايبٽ آباد جي مختلف علائقن ۾ زلزلي کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي.

Read Previous

جيڪب آباد ۾ پاڻيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان شهرين ۽ اسڪولي ٻارڙن جي ريلي

Read Next

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، موسم خوشگوار

Most Popular