سحري، افطار ۽ تراويح دوران لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، توانائي واري وزارت

رمضان المبارڪ

رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو ويجهو اچڻ تي توانائي واري وزارت روزيدارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪيو آهي، سحري، افطار ۽ تراويح جي وقتن ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

توانائي واري وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ دوران بجلي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

رپورٽن مطابق لاڳاپيل اختيارين سمورا آپريشنل انتظام مڪمل ڪري جامع حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سحري دوران 2 ڪلاڪ، افطار جي وقت هڪ ڪلاڪ ۽ تراويح دوران 2 ڪلاڪ بجلي نه ويندي.

ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اضافي ٽرانسفارمر فراهم ڪيا ويندا ۽ سب ڊويزن سطح تي خاص شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيمون جوڙيون وينديون.

ان حوالي سان پاور ڊويزن سمورن پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کان طلب ۽ رسد جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، وزارت سڀني بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ان کان علاوه آپريشنل سرڪل ليول تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ته جيئن بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.

Read Previous

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، موسم خوشگوار

Read Next

رياست جي رٽ قائم ڪرڻ وارن فيصلن تي غور لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس

Most Popular