ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي ۾ برسات

ڪراچي جي عوام صبح سوير جاڳندي ئي خوشگوار موسم جو نظارو ڪيو، ٿڌين هوائن سان گڏ برسات موسم بهتر بڻائي ڇڏي.

پهرين برسات طارق روڊ، بهادر آباد، شارع فيصل ۽ ملير ۾ پئي. نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ صدر ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پئي.

گلستان جوهر، ڊالميا، اورنگي ٽائون، بنارس، گلشن اقبال، عزيز آباد ۽ نيو ٽائون ۾ به تيز برسات پئي.

برسات کانپوءِ ڪجهه رستن تي گپ چڪ ٿي وئي، جڏهن ته برساتي پاڻي ڪيترن ئي هيٺاهين علائقن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سان ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.

برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

ان کان اڳ چيف ميٽولوجسٽ ڊاڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ هو ته عربي سمنڊ مان برساتن جو سلسلو داخل ٿي ويو آهي، ايندڙ ڪلاڪن ۾ ڪراچي، ٺٽي ۽ حيدرآباد جي ضلعن ۾ وچولي کان تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي ته برساتن جو نئون سلسلو 21 مارچ کان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 23 مارچ تائين جاري رهندو.

Read Previous

پاڪستان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، 9 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Read Next

سحري، افطار ۽ تراويح دوران لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، توانائي واري وزارت

Most Popular