رياست جي رٽ قائم ڪرڻ وارن فيصلن تي غور لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس

گڏيل اجلاس

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رياست جي رٽ قائم ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلن تي غور ڪيو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مقامي عدالت ۾ پيشي کانپوءِ اسلام آباد ۾ حڪمران اتحاد جي پارٽين وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرارن کانپوءِ اجلاس طلب ڪيو ويو.

بيان ۾ رياستي ادارن خاص طور تي آرمي چيف خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم ۽ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ لاءِ تربيت يافته ويڙهاڪن جي استعمال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

ان ۾ اوورسيز پاڪستانين تي به زور ڀريو ويو ته اهي هٿ ٺوڪي ايجنڊا جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪندو.

Read Previous

سحري، افطار ۽ تراويح دوران لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، توانائي واري وزارت

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ جو 1990ع کان 2001ع تائين جو توشه خانه رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

Most Popular