وزيراعظم اڄ ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ ٻن پاور منصوبن جو افتتاح ڪندو

شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٿرپارڪر جو دورو ڪندو، جتي هو ڪوئلي تي هلندڙ ٻن پاور منصوبن جو افتتاح ڪندو.

منصوبا جن ۾ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا ٿر شامل آهن، هر سال 11.24 بلين يونٽ سستي بجلي پيدا ڪندا.

انهن منصوبن ۾ 3.53 بلين ڊالرن جي سڌي سيڙپڪاريءَ سان ٿر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جي پيداوار 3300 ميگاواٽ تائين وڌي ويندي.

وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي گذريل چئن سالن دوران بند پيل منصوبن کي آپريشنل ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ جو 1990ع کان 2001ع تائين جو توشه خانه رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

Read Next

عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي پنج آڱرين جي مشق نه آهي: شيخ رشيد

Most Popular