لاهور هاءِ ڪورٽ جو 1990ع کان 2001ع تائين جو توشه خانه رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

Tosha khana

لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 1990ع کان 2001ع تائين جو توشه خاني جو مڪمل رڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران جسٽس عاصم حفيظ رمارڪس ڏنا ته ڪا به شيءِ لڪائي نه ٿي سگهي، ادائگي کانسواءِ ڪو به تحفو نٿو رکي سگهجي، سمورو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وفاقي حڪومت جي وڪيل فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. جنهن تي عدالت چيو ته اهو سندن حق آهي.

12 مارچ تي وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي توشه خاني جو گذريل 21 سالن جو رڪارڊ جاري ڪيو هو.

2002ع کان 2023ع تائين جو رڪارڊ ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويو.

ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيل رڪارڊ ۾ اڳوڻي صدرن، اڳوڻي وزيراعظمن، وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن، جن کي توشه خاني مان تحفا مليا.

اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، يوسف رضا گيلاني، نواز شريف، راجا پرويز اشرف ۽ عمران خان جا نالا شامل آهن.

توشه خاني ۾ موجوده وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو رڪارڊ به اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.

Read Previous

رياست جي رٽ قائم ڪرڻ وارن فيصلن تي غور لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس

Read Next

وزيراعظم اڄ ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ ٻن پاور منصوبن جو افتتاح ڪندو

Most Popular