عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي پنج آڱرين جي مشق نه آهي: شيخ رشيد

Sheikh Rasheed

عوامي مسلم ليگ (اي ايم ايل) جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي هٽائڻ جا سمورا منصوبا حڪمران اتحاد پي ڊي ايم تي اثرانداز ٿيندا.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ سندس پارٽي تي پابندي لڳائڻ پنج آڱرين جي مشق نه هوندي.

هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پيڪيج ۽ پرڏيهي امداد سبب پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب معاشي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي.

هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ٿيڻ واري قرارداد حڪومت جي پريشاني ۾ اضافو ڪندي، ڇو ته اها هاڻي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف 25 مارچ تي مينار پاڪستان تي پاور شو ڪندي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون يا افراتفري، قومي بقا چونڊن سان جڙيل آهي.

Read Previous

وزيراعظم اڄ ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ ٻن پاور منصوبن جو افتتاح ڪندو

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر جي 1650 ميگاواٽ منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Most Popular