عمران خان تي جادو ٽوڻي جو اثر وڌي ويو آهي، وائڙيون ڳالهيون پيو ڪري: شرجيل ميمڻ

شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان هالي ووڊ فلمون ڏسي مفروضن تي ٻڌل بيان ڏيڻ بند ڪري.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته لڳي ٿو عمران خان جي دماغ تي جادو ٽوڻي جو اثر وڌي ويو آهي. عمران خان اڄ پنهنجي تقرير ۾ وائڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو. جنھن مان لڳي پيو ته عمران خان سخت خوف ۾ ورتل آهي.

صوبائي وزير چيو ته اهو تعجب سمجھون يا حسن اتفاق جو ٻاهرين ملڪن جا لابسٽ جيڪي عمران خان جي پي رول تي آهن، اهي روزانو جي بنياد تي عمران خان جي حق ۾ بيان جاري ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته عمران خان جي حق ۾ پرڏيهين جي بيانن کي پاڪستان جي خودمختياري ۾ مداخلت سمجهون ٿا, عمران خان ڪن کولي ٻڌي، پاڪستان ۾ حڪومت لابنگ فرم ۽ ٻاهرين ملڪن جي دٻاءَ ۾ نه ايندي.

Read Previous

عمران خان مينار پاڪستان جي پاور شو کي تشدد خلاف ريفرنڊم قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

آءِ ايم ايف اڃا به ارهو، حڪومت وياج شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ لاءِ تيار

Most Popular