عمران خان مينار پاڪستان جي پاور شو کي تشدد خلاف ريفرنڊم قرار ڏئي ڇڏيو

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مينار پاڪستان تي عوامي جلسو تشدد خلاف ريفرنڊم هوندو.

وڊيو لنڪ ذريعي عمران خان پنهنجي پارٽي جي ايندڙ جلسي بابت ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ ڇنڇر تي مينار پاڪستان تي جلسو ڪندي.

هن چيو ته اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ تي مون کي توهين عدالت جو منهن ڏسڻو پيو، مان چيف جسٽس کان مطالبو ڪريان ٿو ته سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن به وزير اعظم سان اهڙو ظلم نه ٿيو آهي.

هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هنن زمان پارڪ تي حملو ڪيو، ڄڻ ته ڪو دهشتگرد رهندو هو، اسان جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، آمريت جي دور ۾ به اهڙو ظلم ڪڏهن نه ڏٺو.

هن دعويٰ ڪئي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ به ملڪ ۾ اهڙو ڪريڪ ڊائون ڏسڻ ۾ نه آيو.

سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي عمران خان دعويٰ ڪئي ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري عالمي ڏوهاري آهن.

Read Previous

گڏيل قومن عالمي پاڻي جي حد کان وڌيڪ استعمال خلاف خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

عمران خان تي جادو ٽوڻي جو اثر وڌي ويو آهي، وائڙيون ڳالهيون پيو ڪري: شرجيل ميمڻ

Most Popular