آءِ ايم ايف اڃا به ارهو، حڪومت وياج شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ لاءِ تيار

آئي ايم ايف

اسلام آباد: آءِ ايم ايف اڃا مطمئن نه ٿيو، پاڪستان وڌيڪ 2 سيڪڙو وياج جي شرح وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار آهي.

آءِ ايم ايف وياج جي شرح 4 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ پاڪستان هڪ ڌڪ ۾ وڌائڻ کان انڪار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف نشاندهي ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح مهانگائي جي حساب سان گهٽ آهي.

آءِ ايم ايف جو ٻه سيڪڙو وياج شرح وڌائڻ لاءِ دٻاءُ آهي، اسٽيٽ بئنڪ 4 اپريل تي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس گهرائيندي.

Read Previous

عمران خان تي جادو ٽوڻي جو اثر وڌي ويو آهي، وائڙيون ڳالهيون پيو ڪري: شرجيل ميمڻ

Read Next

رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سموري ملڪ ۾ اڄ پهريون روزو

Most Popular