رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سموري ملڪ ۾ اڄ پهريون روزو

رمضان المبارڪ

Eid al Adha Mubarak card with Silhouette Dome Mosques at dark night with crescent moon and star sky,Vector banner background for Islamic religions ,Eid al fitr, Happy muharram, Islamic new year Happy

پشاور: ملڪ ۾ رمضان المبارڪ 1444 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ اڄ پهريون روزو هوندو.

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين عبدالخبير آزاد ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون وصول ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

عبدالخبير آزاد ٻڌايو ته بهاولپور، رحيم يار خان، صوابي، قلعي سيف الله ۽ مردان مان چنڊ جون شاهديون وصول ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ اڄ پهريون روزو هوندو.

رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا، رمضان المبارڪ دوران عوام لاءِ سحري ۽ افطاري وقت گئس جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن عوام کي خاطري ڪرائي ته سحري ۽ افطاري دوران شهرين کي بنا وقفي گئس ملندي، صبح 8 وڳي کان منجهند ٻي وڳي تائين گئس جي فراهمي گهٽ هوندي.

سوئي ناردرن گئس ڪمپني چيو ته سحري ۽ افطاري جي وقتن ۾ فل پريشر سان گئس فراهمي لاءِ هنگامي قدم کڻي رهيا آهيون، گهريلو واهپيدارن لاءِ خاص طور تي رات اڍائي وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ۽ 4 وڳي کان رات 9 وڳي تائين بنا وقفي ۽ پريشر سان فراهمي يقيني بڻائي ويندي.

Read Previous

آءِ ايم ايف اڃا به ارهو، حڪومت وياج شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ لاءِ تيار

Read Next

پنجاب ۾ 30 اپريل تي رٿيل چونڊون ملتوي، 8 آڪٽوبر نئين تاريخ مقرر

Most Popular