ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۽ ملڪ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندي،، اياز لطيف پليجو

اياز لطيف

قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ آدمشماري جا جعلي فارم ورھائڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي گادي واري شھر ۾ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ لکين غير قانوني پرڏيھين کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاء اھڙا ھٿرادو فارم ورھايا پيا وڃن، جن ۾ مادي ٻولي جو خانو ناھي، اھو فارم وٺڻ بعد مرضي جي ٻولي درج ڪري سنڌي ماڻھن کي ھٿرادو اقليت ۾ آندو ويندو.

پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اياز پليجو چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آهي، اها ڳڻپ صوبي ۽ ملڪ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندي.

هن چيو ته گادي واري شھر ۾ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ لکين غير قانوني پرڏيھين کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاء ھٿرادو فارم ورھايا پيا وڃن.

اياز پليجو چيو ته مادري ٻولي جو خانو ناھي، اھو فارم وٺڻ بعد مرضي جي ٻولي لکي سنڌي ماڻھن کي ھٿرادو اقليت ۾ آندو ويندو.

هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي وڏو حملو آھي، ڪروڙين ماڻھو احتجاج ڪري ھن کي رد ڪري چڪا آھن.

Read Previous

پنجاب ۾ 30 اپريل تي رٿيل چونڊون ملتوي، 8 آڪٽوبر نئين تاريخ مقرر

Read Next

ٺٽي ۾ ڪلياڻ شهيد هوش محمد شيدي مڃتا ايوارڊ ميوزيڪل شو

Most Popular