پنجاب ۾ 30 اپريل تي رٿيل چونڊون ملتوي، 8 آڪٽوبر نئين تاريخ مقرر

اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ 30 اپريل تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪندي 8 آڪٽوبر نئين تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن موجب سياستدان دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن، فنڊز فراهمي به ممڪن ناهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب اسيمبلي جون 30 اپريل تي رٿيل عام چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، صدر عارف علوي کي به آگاهه ڪرڻ بعد باضابطا طور تي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ مقرر ڪيل هئي ۽ چونڊ شيڊيول به جاري ڪيو ويو هو، هاڻي پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون.

اليڪشن ڪميشن موجب آءِ جي پنجاب امن امان جي خراب صورتحال کان آگاهه ڪيو، هن دهشتگردي جي واقعن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن مڪمل ٿيڻ ۾ 5 مهينا لڳندا، صوبي ۾ 3 لک 86 هزار اهلڪار موجود آهن.

اي سي پي موجب 623 اهلڪارن جي کوٽ آهي، پاڪ فوج ۽ رينجرز جي مقرري سان ئي اها کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي، فوج سرحدن، اندروني سيڪيورٽي ۽ اهم تنصيبن ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي تي مقرر آهي.، سياسي اڳواڻ دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن، چونڊ مهم ۾ انهن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو(اليڪشن ڪميشن) سمورين اسيمبلين جون چونڊون گڏيل، آزاد ۽ شفاف ٿين ته سڀني کي برابر موقعو ملندو.

Read Previous

رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سموري ملڪ ۾ اڄ پهريون روزو

Read Next

ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۽ ملڪ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندي،، اياز لطيف پليجو

Most Popular