پرائس ڪنٽرول لاءِ آرڊيننس اڄ لاڳو ٿي ويندو، مراد علي شاهه

مراد علي شاهه

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه يوم پاڪستان جي موقعي تي مزار قائد پھتو، جتي صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽريءَ سندس آجيان ڪئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي مزار قائد پھچڻ تي ڀليڪار ڪيو .

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽسوري قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي چادر چاڙھي ۽ دعا ڪئي.

مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اڄ يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد جي مزار تي آيا آھيون، سنڌ اسيمبليءَ کي اعزاز حاصل آھي ته پاڪستان جي پھرين قراردار منظور ڪئي.

هن چيو ته اڄوڪي ڏينھن تي اسان کي ڪشميري ڀائرن جي جدوجھد کي پڻ ياد ڪرڻ گھرجي، رمضان شريف جي مھيني ۾ اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 7.8 ملين گھراڻن کي ٻه ھزار رپيا اٽي جي مد ۾ ڏئي رھيا آھيون.

وڏو وزير چيو ته جنھن جو نالو بي آءِ ايس پي ۾ نه آيو آھي، اھي پنھنجو نالو رجسٽرڊ ڪرائي سگھن ٿا، سموري صوبي ۾ بچت بازارون لڳائي رھيا آھيون.

مراد علي شاهه چيو ته پرائس ڪنٽرول لاءِ آرڊيننس اڄ لاڳو ٿي ويندو، ملڪ ھڪ ڀيرو ٻيھر دھشتگرديءَ کي منھن ڏئي رھيو آھي، اسان متحد تي دھشتگردن جي مقابلو ڪنداسين.

هن چيو ته دھشتگرد اسان جي سڪيورٽي ادارن ۽ معصوم شھرين کي نشانو بڻائي رھيا آھن، اسان انهن کي شڪست ڏينداسين.

Read Previous

يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم جو قوم جي نالي پيغام

Read Next

واٽس ايپ ونڊوز لاءِ هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

Most Popular