واٽس ايپ ونڊوز لاءِ هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

واٽس اپ اعلان ڪيو آهي ته موبائيل فون جي بيٽري ختم ٿيڻ باوجود صارفين وڏي پيماني تي استعمال ٿيندڙ ڪميونيڪيشن ايپ کي چئن ڊوائيسز تائين ڳنڍي سگهن ٿا.

انسٽنٽ ميسيجنگ ايپ ٽوئٽر تي چيو ته ڪوبه چارجر نه، ڪوبه مسئلو نه آهي، ھاڻي توھان واٽس ايپ کي 4 ڊيوائسز سان ڳنڍي سگھو ٿا.

هن اهو پڻ لکيو آهي ته ڳنڍڻ کي آسان بڻائڻ لاءِ اسان هڪ نئين ايپ تيار ڪئي آهي، جيڪا تيز رفتار لوڊنگ ۽ هڪ معروف انٽر فيس سان گڏ اوزارن جي وچ ۾ چيٽ جو رستو وڌيڪ سڌو محسوس ٿئي ٿو.

واٽس ايپ پوري دنيا ۾ پنهنجي استعمال ڪندڙن جي سهولت لاءِ مسلسل پنهنجي فيچرز کي اپڊيٽ ڪندو رهندو آهي، تازو ئي ڪجهه نوان ۽ دلچسپ اپڊيٽ لانچ ڪيون آهن.

Read Previous

پرائس ڪنٽرول لاءِ آرڊيننس اڄ لاڳو ٿي ويندو، مراد علي شاهه

Read Next

گهرو وزارت پاران فوج مخالف سوشل ميڊيا مهم خلاف ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو

Most Popular