يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم جو قوم جي نالي پيغام

صدر، وزيراعظم

اسلام آباد: پاڪستاني قوم وڏي قومي جوش ۽ جذبي سان پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ڏهاڙي تي قوم جي نالي پيغام جاري ڪيو آهي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يوم پاڪستان اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هڪ قوم جي حيثيت سان پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺون.

صدر چيو ته اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش هئا، چئلينجن باوجود اسان هر شعبي ۾ مسلسل محنت ۽ قابليت سان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون.

ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلم قيادت دانشمندي وارو فيصلو ڪيو،

صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان رياستي ادارا قائم ڪيا، پنهنجي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو، پاڪستان ايٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا تي ضابطو آندو، پاڪستاني قوم قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جو جذبو ڏيکاريو.

يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سياسي ۽ آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو ۽ ان جو مستقبل آئين جي روح ۽ ان جي روح تي عمل ڪرڻ ۾ آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو قيام يقينن 20 صدي جو معجزو هو ڌ، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو، پاڻ کي قومي مقصد سان ليس ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ورثي موجب جدوجهد جو عزم ڪرڻو پوندو.

Read Previous

پنجاب اليڪشن ملتوي ٿيڻ سان ملڪ وڏي آئيني بحران کان بچي ويو، مريم اورنگزيب

Read Next

پرائس ڪنٽرول لاءِ آرڊيننس اڄ لاڳو ٿي ويندو، مراد علي شاهه

Most Popular