عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان زمان پارڪ کان لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو.

عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ جي عدالت پهچي ويو.

لاهور هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي 5 ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني خصوصي بينچ جوڙي ڇڏي آهي.

بينچ ۾ جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس انور حسين شامل آهن، جيڪا ڪجهه دير ۾ درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

Read Previous

عمران خان جي ويڙهه پارٽين ۽ ادارن سان نه پر پر ملڪ خلاف آهي: شرجيل ميمڻ

Read Next

ڪوئيٽا پوليس حسان نيازي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد عدالت پهچي وئي

Most Popular