پاڪستان جي انٽرنيشنل هاڪي رانديگر حنان شاهد کي ايشيا 2022 جو ايمرجنگ پليئر قرار ڏنو ويو آهي.
ڪوريا ۾ ايشين هاڪي فيڊريشن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل تقريب ۾ حنان شاهد کي ٽرافي ڏني وئي.
حنان شاهد انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جي صدر طيب اڪرام کان ٽرافي وصول ڪئي.
حنان شاهد ايشين هاڪي فيڊريشن 24-2023ع جي ايٿليٽس ڪميشن جو ميمبر پڻ بڻجي ويو آهي.
حنان شاهد کي ايشيا هاڪي فيڊريشن جو ايٿليٽ ايمبيسڊر پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.