ٽوئيٽر اڪائونٽس تان ’بلو ٽڪ‘ هٽائڻ جي تاريخ سامهون اچي وئي

سوشل ميڊيا سائيٽ ٽوئيٽر تي اڪائونٽس تان بليو ٽڪ هٽائڻ جي تاريخ پڌري ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئٽر پهرين اپريل کان پنهنجي صارفين جي تصديق ٿيل اڪائونٽس تان بليو ٽِڪس هٽائڻ شروع ڪندو.

ان سلسلي ۾، ٽوئٽر انفرادي صارفين ۽ تنظيمن کي چيو ته نيري چيڪ نشانن کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي فليگ شپ سبسڪرپشن پروگرام تي سائن اپ ڪن.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو پروگرام ڀارت ۾ فيبروري ۾ شروع ڪيو ويو هو، جتي آئي اوز ۽ اينڊرائيڊ ڊوائيسز تي ان جي قيمت 900 رپيا ۽ ويب تي 650 رپيا آهي.

Read Previous

پاڪستاني هاڪي رانديگر حنان شاهد ايشيا جو ايمرجنگ پليئر 2022 قرار

Read Next

جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس؛ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور

Most Popular